ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب جي شھرين نديم ڀٽي، ميان رضوان مھر ، علي حسن سنجراڻي ، عبدالوھاب سومرو ،مھتاب ٽانوري سميت ٻين احتجاج ڪندي دانيهندي چيو آهي ته شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، يوسي انتظاميه دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته چنا،مھر ،ٽانوري،راجپوت،شيخ،سنجراڻي،ٿھيم ۽ ڀٽي  سميت مختلف پاڙن ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن، شهرين موجب چندو ڪري گند کڻائڻ تي مجبور بڻيل آھيون، نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي.