ميان صاحب (رپورٽ: رائو محسن) سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ جي دستاويزي حيثيت رکندڙ سنڌي لوڪ ادب جو ساليانو اٺون ڏھاڙو ثقافت کاتي ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي گڏيل سھڪار سان ميان صاحب ۾ سگهڙ حاجي اربيلي منگيءَ جي اوطاق تي ملهايو ويو،  تقريب جي صدارت نامياري عالم، اديب، محقق ۽ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري ڪئي، جڏھن ته خاص مھمانن ۾ ميان صاحب يوسي چيئرمين ميان عبدالمنان پنھيار، پريس ڪلب ميان صاحب جو صدر جاويد رائو ،سلات جو مرڪزي صدر گل حسن ملڪ، پنجاب جو صوبائي صدر سيد عزيز احمد شاھ، بلوچستان جو صدر محمد اسماعيل لاشاري، ارشاد علي عرضائي ۽ ٻيا شامل هئا لوڪ ادب ڏھاڙي تي ڪوٺايل مُلڪ گير تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت مُلڪ جي ٻين صوبن پنجاب ۽ بلوچستان مان سگهڙن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو جن ۾ ٻه نينگريون سگهڙ حليما چانڊيو، سگهڙ مھرالنساء مڱلو، علي اڪبر اداسي، حاجي اربيلو منگي، پنهل پياسي ٻرڙو، ارشاد علي عرضائي، الله بخش سامت، ڪوڙل بمبل، وزير چاچڙ، ڪريم بخش ملڪ، ميرحسن ملڪ، دلبر علي ملڪ، محسن علي، صاحبڏنو چاچڙ، عبدالستار اوڳاهي، عبدالمقيم جکراڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . تقريب کي خطاب ڪندي سلات جي باني عاجز رحمت الله لاشاري، ميان عبدالمنان ۽ ٻين چيو تہ لوڪ ادب اسانجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ جو اساس آھي جنهن جي حفاظت ۽ واڌ ويجھ لاء ادارن کي ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻو پوندو. هنن چيو تہ سنڌ جي لوڪ ادب جھڙو ڪنھن وٽ بہ شاهوڪار ادب ناهي ان ڪري اسانجي لوڪ ادب کي  سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاء اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو وڃي ۽ لوڪ ادب جو الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي.