موٽرسائيڪل تي سفر ڪندڙ فرينچ بلاگر موهن جو دڙي پهچي ويو

0
435
فرينچ بلاگر موهن جو دڙي پهچي ويو
موٽرسائيڪل تي سفر ڪندڙ فرينچ بلاگر موهن جو دڙي پهچي ويو

لاڙڪاڻو: موٽرسائڪل تي سفر ڪندڙ فرانسيسي  بلاگر مسٽر ٽام سنڌ جي قديم تهذيب موهن جو دڙي پهچي ويو

مسٽر ٽام، موهن جي دڙو جو اسٽوپا. گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا سميت ٻين تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو ٽام جو چوڻ هو ته مون کي پاڪستان ۾ چار مهينا ٿي ويا آهن ۽ باقي ڇهه مهينا رهندس. پاڪستان غير ملڪي سياحن جي گهمڻ لاءِ هڪ سٺي جڳهه آهي

مسٽر ٽام چيو ته هتي جا ماڻهو سٺا ۽ مهمان نواز آهن. مون ٽيڪسيلا سميت ڪيترن ئي تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو آهي، ٽيڪسيلا به سٺي جاءِ آهي پر موئن جو دڙو جو ليول مختلف آهي.