موهن جو دڙو (ن پ ا) سياحت ۽ نودرات کاتي طرفان موهن جو دڙو تي ايندڙ سياحن جي سهولت لاءِ گلف ڪارٽ  نالي بجلي تي هلندڙ ٻه گاڏيون خريد ڪري ورتيون آهن،نويد سانگاهه جو چوڻ هو ته گاڏين تي سياحن کي سير ڪرايو ويندو. بعد ۾ انهن گاڏين تي آثارن جو سير ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر ڪئي ويندي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي سياحت کاتي طرفان سياحن کي آثارن جو سير ڪرائڻ لاءِ چين کان ٻه گاڏيون گهرايون ويون آهن. گرمي سردي ۾ آثارن ڏانهن گهمڻ ايندڙ سياحن جي ڏکياين کي نظر ۾ رکي اهڙي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. گاڏين جي رقم تقريبن 40 کان 45 لک آھي ماڳ تي ايندڙ سياحن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.