لاهور (م ڊ) ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي خلاف بي نامي اڪائونٽس تي مني لانڊرنگ ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. وفاقي جاچ اداري (يف آءِ اي) پاران جمع ڪرايل چالان موجب 4 ارب رپين جي 36 بي نامي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، مونس الاهي خاندان تي نائب قاصد ذريعي 73 ڪروڙ رپين جا شوگر ملز شيئر خريدڻ جو الزام آهي، مني لانڊرنگ ۾ ملوث قيصر اقبال ڀٽي کي 2019ع ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ نائب قاصد ڀرتي ڪيو ويو، ٻئي بي نامي اڪائونٽس وارا وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جا ويجها آهن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته بي نامي اڪائونٽس ٻاهران ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ لاءِ به استعمال ٿيا، ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن پنجاب اسيمبلي جي نائب قاصد ۽ چوڌري فيملي ميمبرن وچ ۾ ٿي، جوابدار 2008 کان 2011 جي وچ ۾ ڪيل 73 ڪروڙ رپين جي مني ٽريل ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا. ايف آءِ اي دستاويزي ثبوت چالان سان گڏ عدالت ۾ جمع ڪرايا.