مٽياري (رپورٽر) موسمياتي تبديلين بابت جاڳرتا پکيڙڻ لاء برازيل مان سائيڪلن تي نڪتل فيملي 24 ملڪن جي سفر بعد مٽياري پھتي  سائيڪلسٽ فيملي ڪرايم بيل ۽ سندس ٽن نياڻين جو مٽياري جي مختلف جڳھن تي استقبال ڪيو ويو. موسمياتي تبديلين بابت جاڳرتا مھم ھلائيندڙ فيملي سائيڪلن تي پوري دنيا جي سفر تي نڪتل آهي. مٽياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرايم بيل جو چوڻ ھو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين سان وڏا نقصان ٿي رھيا آھن موسمياتي تبديلين سبب دنيا ۾ وڏيون ٻوڏون توڙي زلزلي اچي رھيا آھن ان ڪري موسمياتي تبديلين بابت آگاھي لاء پوري دنيا ۾ جاڳرتا پکيڙڻ لاء نڪتا آھيون ھن چيو ته ڏيڍ سال اڳ برازيل مان نڪتا آھيون جنھن دوران 24 ملڪن جو سفر ڪري ھتي پھتا آھيون ھن چيو ته سنڌ جا ماڻھو تمام گھڻا مھمان نواز آھن پوري سنڌ ۾ وڏي مھمان نوازي ۽ مان ڏنو پيو وڃي.