ڪراچي/ مورو (نمائندن وٽان) ايف آءِ اي شهيد بينظير آباد  جي ٽيم موري مان سيپڪو جي ميٽر سپروائيزر کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب غلام مصطفيٰ بجلي چوري ۾ ملوث هو، جوابدار صنعتي ۽ ڪمرشل صارفين سان گڏجي 62 لکن جي بجلي چوري ڪرائي، شهر جا فلور ملز مالڪ پڻ جوابدار جي مدد سان ڪنڊا لڳائي بجلي چوري ڪندا هئا، جوابدار ڪوڙي ريڊنگ جي بدلي ۾ مالي فائدا وصول ڪندو رهيو،