مورو (ن پ ا) مورو ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ معصوم ٻارڙن سميت مورو پريس ڪلب اڳيان اعلامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ محمد عيسيٰ ڪورائي، سچل جتوئي، علي اصغر بهراڻي، غلام رسول راهو، محمد مٺل ڪورائي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي هنن چيو ته تعليم کاتي جي ملازم علي اصغر بهراڻي جي پگهار سميت ٻين ملازمن جون پگهارون بند آهن جنهن سبب سندن گهرن ۾ ڦاڪاڪشي واري صورتحال آھي. جڏھن ته پگھار کان محروم چوڪيدار علي اصغر بھراڻي اکين مان لڙڪ ھاريندي ٻڌايو ته 6 سالن کان بايوميٽرڪ جي آڙ ۾ پگهار بند ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته عيد تائين پگهارون نه مليون ته ٻارڙن سميت پاڻ کي ڪراچي سيڪريٽريٽ آڏو باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس، جنھن جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جا اعليٰ آفيسر ھوندا.