مورو (ن پ ا) سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ۽ ڊيمو گرافڪ سروي رپورٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان پراڻي مال پڙي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي لال جروار، نور احمد ڪاتيار، سليم رضا ڀنگر، حسين سومرو، سرور سنڌي ۽ ٻين چيو ته ھڪ سازش تحت سنڌ ۾ پرڏيهي دهشتگردن جي ڪٽڪن جا ڪٽڪ گھرائي سنڌ ۾ سنڌين کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته وفاقي حڪومت توڙي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري ملڪ جي سالميت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اڳواڻن چيو ته ڊيمو گرافڪ سروي رپورٽ 2020ع سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي، رپورٽ کي سنڌ جو عوام مڪمل طور رد ڪري ٿو، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاء سنڌ سرڪار هڪ به منصوبو شروع ناهي ڪيو، الٽو صحت کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس بند ڪري اسپتالن کي تالا لڳرائي ڇڏيا آهن، هنن مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.