مورو(ن پ ا) مورو ويجھو ٻانڌي روڊ ڪراچي اسٽاف وٽ سالي ۽ ڀيڻيوي جي جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار واٽھڙو واپاري مدد علي ولد محمد يوسف جويو ۽ سجاد حسين ولد سڪندر علي چانڊيو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته اسان ڳوٺ کان شھر اچي رھيا ھئاسين ته رستي ۾ نوجوان آذان ولد نالي مٺو عرف محمد خان ڪورائي پنھنجي ڀيڻيوي شاھد ڪورائي سان جھيڙو ھلي رھيو هو ۽ پستول ڪڍي اچانڪ فائرنگ ڪئي ته اسان کي گوليون لڳيون ۽ زخمي ٿي پياسين بعد ۾ ٻنھي زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران مدد علي جويو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنھن جو لاش ايمبولنس ذريعي مورو اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ وارثن پاران جعفر جويو، غلام حسين جويو، آفتاب جويو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاهرين چيو ته گذريل ڏينھن نوجوان آزان ڪورائي جو پنھنجي ڀيڻيوي شاھد سان جھيڙو ٿيو جنھن دوران اسان جو ھمراهه مدد علي جويو کي روڪي سڌيون گوليون ھڻي ماريو ويو آھي اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي ڪورائي برادري جي ماڻھن وڏو ظلم ڪيو آھي ظالم خلاف قانوني قدم کڻي ملوث جوابدارن قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو. جڏھن ته مورو ٿاڻي تي مقتول مدد علي جويو جي ڀائيٽي جعفر علي جويو جي فرياد تي ٽن ڄڻن آزان ڪورائي، فھد ڪورائي ۽ نالي مٺو عرف محمد خان ڪورائي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جن مان ھڪ ڄڻي آذان ڪورائي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏھن ته ٻئي زخمي سجاد حسين چانڊيو جي ڪيس جو قلم 324 پڻ لڳايو ويو آھي پوليس ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻي رھي آھي. ھوڏانھن نوجوان مدد علي جويو جو لاش ڳوٺ ڌڱاڻو جويو ۾ پھچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.