مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجھو پسند جي شادي تان تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سڳا سئوٽ قتل، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، خبر موجب ڳوٺ محبوب ٻگھيو واسي مورو ايندڙ ٻن سڳن سئوٽن تي ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب مختيار علي ٻگھيو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته فياض ٻگھيو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي مورو اسپتال آندو، جتي فياض ٻگھيو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون، مقتول فياض ٻگھيو جي والد رياض ٻگھيو ٻڌايو ته منھنجي پٽ 2 سال اڳ حميرا ڌيءُ چنيسر ٻگھيو سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، جنھن تان معاملو ھلندڙ ھو، اسان ھر فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار ھئاسين ۽ ناري واپس ڏيڻ لاءِ تيار هياسين پر ڪنھن به نه ٻڌي، ڪالهه 8 کان وڌيڪ ھٿياربندن حملو ڪري گوليون ھڻي پٽ ۽ سندس ڀائيٽي کي قتل ڪيو، هن چيو ته ڪجھه وقت اڳ حميرا کي محمد علي ٻگھيو طلاق ڏني هئي، جنھن کانپوءِ منھنجي پٽ هن سان شادي ڪئي هئي، جيڪا ڳالھه حميرا جي مائٽن کي پسند نه هئي، جنھن تي محمد علي ٻگھيو پنھنجي ڀائرن سڪندر، قربان، ميرڻ، مير محمد، طارق، اڪبر ٻگھيو ۽ ٻين سان گڏجي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو، هوڏانهن ٻٽي قتل جو مقتول فياض ٻگھيو جي والد رياض ٻگھيو جي فرياد تي 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي.