مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجھو قومي شاھراهه ٽيون ميل زيتون جي باغ وٽ نامعلوم هٿياربندن گاڏين کي بيهاري ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ خانيوال واسي ٽرالر ڊرائيور جاويد اعواڻ گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ڊرائيور جو لاش کي مورو اسپتال آندو، ٽرالر ڪلينر راشد اعواڻ ٻڌايو ته اسان ڪراچي کان لاھور وڃي رھيا ھئاسين ته گاڏي خراب ٿي پئي، جنھن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ روڪيو ته موٽرسائيڪل سوار 3 نامعلوم هٿياربندن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي گوليون ھڻي ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو، هن ٻڌايو ته ڦورو اسان کان روڪ رقم، قيمتي سامان ۽ گاڏي جا ڪاغذ ڦري ويا، پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي واري ھنڌ تان پسٽل جي گولين جا 3 کول مليا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول ڊرائيور جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي خانيوال کڻائي ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.