مورو (ن پ ا) مورو ويجھو تاريخي قلعي سرڻي ڪوٽ کي ڊاھڻ جو سلسلو جاري آهي، قديمي ماڳ سرڻي ڪورٽ جي ٽوٽل ايراضي 9 ايڪڙ 9 ويسا آھي ۽ ڪوٽ 3 ايڪڙ 3 ويسن تي مشتمل آھي، ڪوٽ اندر ڳوٺ پڻ آباد آھي، تاريخي ڪوٽ جي ديوار 16 فوٽ ويڪري آھي جنھن جي پاڙ کوٽڻ جو سلسلو جاري آھي، ڪالهه ڪجهه ماڻهن ڪوٽ جي ڀت کوٽڻ شروع ڪئي جنهن جو اطلاع سڌوجا پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس بروقت ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، واضح رهي ته سرڻي ڪوٽ سميت ٻين آثارن کي بچائڻ ۽ ڊاھڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ جوڙيل 9 رڪني ڪاميٽي وزٽ پڻ ڪيو ھو پر ان کانپوءِ ھن وقت تائين ڪاميٽي ڪو به دورو ناهي ڪيو، جنھن ڪري قدييمي آثارن کي نقصان رسايو پيو وڃي، ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي قديمي ماڳ کي بچايو وڃي.