مورن جُون اکيون مِينهن لاءِ ڳالهائينديون آھن

0
12
مورن جُون اکيون مِينهن لاءِ ڳالهائينديون آھن

 اکيون جيڪي گُونگيون هوندي به ڳالهائينديون آھن. اکين جي ٻولي اکيون ئي سمجهي سگهنديون آھن. اکين جي ٻولي هزارن جي هُجوم ۾ به پري کان پڌري هوندي آھي، بس رڳو ان کي سمجهڻ واريون اُھي اکيون هُجن، جيڪي دردن ۾ ٻُڏل ڪنهن ديد جو داد ڪري سگهن. اُنهن ڏُکايل نظرن سان نياءَ ڪرڻ به وڏو ڏانءُ هوندو آھي. اُهو ڏانءُ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ مَنجهه بهار جي بُوءِ وانگي مَڻيا جي روپ ۾ اَمرت وانگي اوتيل هُوندو آھي، جيڪو ماڻهو سمجهي سگهندو آھي ته مورن جُون اکيون مِينهن لاءِ ڳالهائينديون آھن، ۽ ناريءَ جُون اکيون نِينهن لاءِ ڳالهائينديون آھن. وڌوا جُون اکيون وَر لاءِ ۽ خانه بدوش جُون اکيون گهر لاءِ ڳالهائينديون آھن. راجا جُون اکيون راڻيءَ لاءِ ۽ ٿرين جُون اکيون پاڻيءَ لاءِ ڳالهائينديون آھن. امير جُون اکيون ڌَن لاءِ ۽ غريب جُون اکيون اَن لاءِ ڳالهائينديون آھن. ٻارن جُون اکيون رانديڪن لاءِ روئندي ڳالهائينديون آھن، ته جلاوطن جُون اکيون وطن جي وڻن لاءِ واجهائيندي ڳالهائينديون آھن. اکيون ڳالهائينديون آھن، اُھي اکيون، جيڪي روئي ناهن سگهنديون، جن کان ڇِنڀڻ به وسري ويندو آھي! جن مان اَشڪ الوپ ٿي ويندا آھن،

اُھي اکيون ڳالهائينديون آھن، جيڪي پراين هٿن ۾ پنهنجي پسند جي ماني ڏسي پاڻي ٿي وينديون آھن، جن اکين لاءِ ڪَڻڪ جو ڦُلڪو ڪنهن ڦُول گُلاب کان مٿي هُوندو آهي. اُھي اکيون جيڪي هر عيد تي لُڙڪن سان وهنجڻ کان پوءِ به نئين وڳي کان محروم رهجي وينديون آھن. اُھي اکيون جن جي ماڻڪين ۾ ڪنهن محبوب کي ڏسڻ جي تمنا، تمنا ئي رهجي ويندي آھي. انهن اکين جي ماٺ ماڻھوءَ کي گهڻو ڪجهه ٻُڌائي ويندي آھي. اَڻڀن وارن جو احساس پڻ اُنهن ئي اکين کي هوندو آھي، جن جون پنبڻيون سُرمي جي سرائي لئه سِڪي وينديون آھن. اُگهاڙن پيرن جي اذيت صرف اُھي ئي اکيون بيان ڪري سگهن ٿيون، جن جُتيون سدائين پراين پيرن ۾ ۽ لِڦُون پنهنجن پيرن ۾ ڏٺيون آھن. ڪپڙن جو قدر پڻ اُنهن ئي اکين ۾ سمايل هوندو آھي، جن نوان جوڙا صرف درزين جي دڪان تي ڏٺا آھن. بيوسيءَ جي مُڪمل تشريح ته اُن ماءُ جون اکيون ئي بيان ڪري سگهن ٿيون، جنهن جي ٻار انبن جو گاڏو ڏسي هڪڙي انب لئه آڙو ڪيو هُجي ۽ ھُوءَ موٽ ۾ صرف ماٺ جو دڙڪو ڏيئي سگهي هجي. ب

بُک جو ڏُک پڻ اُھي ئي اکيون بيان ڪري سگهن ٿيون، جن سُٺا کاڌا صرف اروڙين تي اُڇلايل اوبر جي روپ ۾ ڏٺا آھن. جڏھن به ڪنهن معصوم ٻار جون اکيون ڪنهن وڻندڙ شيءِ کي ڏسنديون آھن ۽ هُو چاهيندي به وٺي ناهي سگهندو تڏھن خُدائي رڙ ڪندي آھي، ۽ اُن رڙ جو آواز صرف ٻار جا مائٽ ئي ٻُڌي سگهندا آھن، اُھي مائٽ جن جُون اکيون ڳالهائينديون آھن..! جڏھن نيڻن کان ننڊ رُسي ويندي آھي، تڏھن اکيون ڳالهائينديون آھن، جڏھن رتوڇاڻ رُوح ڪنهن اَڻ لَکي اُداسيءَ جي رڻ ۾ ڀٽڪندي اڻ کُٽ اوجاڳن جُون مسافريون ڀوڳيندو آھي، تڏھن اکيون ڳالهائينديون آھن، ۽ اندر مان ڪيئي اُڌما طوفان بڻجي اُٿندا آھن. ۽ اُنهن سرد شوڪارن جھڙن اُڌمن جو طوفان لُڙڪن جا بادل بڻجي دل ديس جي ڌرتيءَ تي ولهارن وانگي وسندو آھي. اکيون اشڪبار ٿي چريون چلولايون ڪندڙ چَنڊ کان پرين جا پار پُڇنديون آھن. لُڇنديون آھن. وري ورڻ جا وچن ڪري وساري ويهندڙ اک پن پاتلي پرين کي ڏُکن مان ڏوراپا ڏينديون آھن. رهجي ويل حسرتن، اڌورين تمنائن، ۽ اڻ پورين آرزوئن جي صدمن جون ستايل اکيون ماکيءَ کان مٺڙن محبوبن کي ڏنجهه ۽ رنج مان ڏوراپا ڏيندي ڏيندي وهامندڙ رات سان گڏ ڏيل ڏيئا ٿي ٻرنديون آھن! انهن ٻرندڙ اکين کي آسيس ڏيڻ خاطر پرين جي ديد جي عيد ناهي ٿيندي تڏھن اکيون ڳالهائينديون آھن..!

اُهي اُداس اکڙين جا ڏُکن سندا ڏوراپا پرين جي پار ته ناهن پهچندا پر رات جي سناٽي جي سيني ۾ خنجر وانگي کُپي هڪ درد ڀري دانهن ۽ هڪ فرياد بڻجي ويندا آھن. وشال اکين جو اهو فرياد ٻُڌي چندرما جي چاندڻيءَ به اُداسيءَ جي سمنڊُ ۾ ٻُڏي ويندي آھي. روهيڙا پڻ اُڀ ڏار اوڇنگار ڪري روئي پوندا آھن. صدين جا مسافر ٿوهر پڻ پنهنجا هڙئي ڏُک وساري اکين جي ڏوراپن جي ڏُکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا آھن. ڀٽن جي ڀائرن ڪونڀٽن جا پازيبن جھڙا پلڙا اُداس اکڙين جون آنهون ۽ دانهون ٻُڌي پايل جھڙي ڇم ڇم ڇڏي شمشان گهاٽ جھڙي سناٽي ۾ سمائجي ويندا آھن. اهو سڀ ڪُجهه فقط فطرت محسوس ڪندي آھي اکين جي پلڪن تي ويهارڻ جھڙا پيارا ته نه ڏوراپن کي ڏسندا آھن نه ڪو صدا ٻُڌندا آھن تڏھن اکيون ڳالهائينديون آھن..!