اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موجوده حڪومت پنهنجي دور 11 اپريل 2022ع کان هن وقت تائين پيٽرول جي في لٽر قيمتن ۾ 132 رپيا 14 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 148 رپيا 85 پيسا، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 56 رپيا 37 پيسا، گاسليٽ جي في ليٽر قيمتن ۾ 60 رپيا 51 پيسا اضافو ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، “پنهنجي اخبار” پاران ورتل جائزي دوران معلوم ٿيو ته عمران خان حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ في لٽر پيٽرول جي قيمت 149 رپيا 86 پيسا هئي، موجوده حڪومت 11 اپريل کان هن وقت تائين في لٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ 132 رپيا 14 پيسن جو اضافو ڪري قيمت 282 رپين تائين پهچائي ڇڏي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر جي قيمت 144 رپيا 15 پيسا هئا، موجوده حڪومت 148 رپيا 85 پيسن جو اضافو ڪري هاءِ قيمت 293 رپين تائين پهچائي ڇڏي آهي، لائيٽ ڊيزل جي في لٽر جي قيمت 118 رپيا 31 پيسا هئي، 56 رپيا 37 پيسن جو اضافو ڪري قيمت 174 رپيا 68  پيسن تائين پهچائي ڇڏي آهي، گاسليٽ جي في ليٽر جي قيمت 125 رپيا 56 پيسا هئي، موجوده حڪومت گاسليٽ جي في ليٽر قيمتن ۾ 60 رپيا 51 پيسا اضو ڪري في ليٽر گاسليٽ جي قيمت 186 رپيا 7 پيسن تائين پهچائي ڇڏي.