موت کي ويجهو کان ڏٺو، حمائمه جي مداحن کي دعائن لاءِ اپيل

0
174
موت کي ويجهو کان ڏٺو

استنبول (شوبز نيوز) اداڪارا حمائمه ملڪ مداحن کي دعائن جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هن موت کي انتهائي ويجهو کان ڏٺو. تفصيل موجب اداڪارا حمائمه ملڪ جو ترڪي جي شهر اسنبول ۾ اپينڊڪس جو آپريشن ڪامياب ٿي ويو آهي

اداڪارا ان سلسلي ۾ انسٽاگرام تي تصويرون به شيئر ڪيون آهن سندس چوڻ آهي ته هن 22 ڪلاڪ اسپتال ۾ گذاريا، ان دوران مون موت کي انتهائي ويجهو کان ڏٺو آهي، هن چيو ته منهنجو ريپچر اپينڊڪس جو ڪامياب آپريشن ٿيو جنهن بعد رب مونکي نئين زندگي ڏني آهي.حمائمه ملڪ مداحن کي پنهنجي جلد صحتيابي لاءِ دعائن جي اپيل پڻ ڪئي.