نوشڪي(م ڊ) بلوچستان جي علائقي آواران ۾ 6 ٻارڙا نديءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. افسوسناڪ واقعو جل جهائو تعلقي ۾ پيش آيو، جتي 6 ٻارڙا گرميءَ جي شدت گهٽائڻ لاءِ سرمستاني بٽ نديءَ ۾ وهنجڻ لاءِ لٿا. نديءَ ۾ لهندي ئي 6  ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، سندن تعلق هڪ ئي خاندان سان هو. اطلاع ملڻ تي ليويز اهلڪارن ۽ مقامي ماڻهن ٻارن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو،. فوتي ٻارڙن جي عمر 5 کان 9 ورهين جي وچ ۾ آهي. معصوم ٻارڙن جا مڙهه گهر آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي.