خيرپور (رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ۾ اڪيڊمڪ سيشن 2021-22 لاءِ شاگردن کان ڪمپيوٽر تي ٻن شفٽن ۾ داخلا ٽيسٽ ورتي وئي. ٽيسٽ جي پھرين ڏينھن تي 220 شاگرد ٽيسٽ ۾ ويٺا. حڪومت پاران ڄاڻايل ڪورونا ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪندي ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي. ٽيسٽ جي پھرين ڏينھن تي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي، ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي ۽ انٽري ٽيسٽ ڪاميٽي جي ميمبرن ٽيسٽ جو معائنو ڪيو ۽ ٽيسٽ لاءِ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظھار ڪيو.