ڪراچي (دلچسپ نيوز)ايٽلس هنڊا لميٽيڊ (اي ايڇ ايل) وڪري جا نوان رڪارڊ ٺاهي رهي آهيهنڊا ڪمپني نومبر جي مهيني ۾ لک 28 هزار 503 يونٽس وڪرو ڪري ماهوار وڪري جو نئون رڪارڊ بڻايو ۽ آڪٽوبر جي مهيني ۾ هڪ لک 25 هزار 31 يونٽس جي وڪري جو پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙيو.ٻي پاسي چيني موٽرسائيڪلون ٺاهيندڙ ڪمپني روڊ پرنس جي وڪري ۾ 23 سيڪڙو گھٽتائي کان پوءِ 52 هزار 289 رهيو جڏهن ته يونائيٽيڊ آٽو موٽرسائيڪل جي وڪري ۾ 20 سيڪڙو گھٽتائي ڏٺي وئي جنهن رڳو 1 لک 36 هزار 812 يونٽس وڪرو ڪيا.