سيوھڻ (ن پ ا) منڇر ڍنڍ کي امڪاني طور ڪٽ ڏيڻ خلاف ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا رستن تي نڪري آيا، سيوهڻ ڀرسان اڙل واهه هيڊ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، يوسي آراضي، بوبڪ، جعفر آباد ۽ يوسي چنا جا رهواسي احتجاج ۾ شامل، ان ڏس ۾ منڇر ڍنڍ کي امڪاني طور ڪٽ ڏيڻ خلاف تعلقي سيوھڻ جي مختلف يوسين آراضي، بوبڪ، چنا ۽ جعفرآباد جي ڳوٺاڻن سيوھڻ ڊگري ڪاليج ڀرسان اڙل واھ ھيڊ وٽ پھچي انڊس ھاءِ وي تي ھڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنھن سبب ڪراچي ۽ دادو طرف ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿيڻ سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي دائم ٽالپر، محبوب ڪٽوھڙ، ممتاز ٽالپر، لکمير بڙدي، غلام حسين ڇٽو، عيدن گائينچو ۽ ٻين چيو ته منڇر کي ڪٿان ڪو به خطرو ناھي، پر ان جي باوجود منڇر کي ڪٽ ڏئي اسان جي يوسين کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسان اڳ کي ۾ ئي  تازين پيل برساتن ۾ وڏو نقصان رسيو آٓهي مٿان وري منڇر کي ڪٽ ڏيڻ جون تياريون ڪيو پيون وڃن ته جيئن اسان جو ڪک به نه بچي سگھي ۽ اسان 2010 جي ٻوڏ جا ماريل آھيون ۽ اسان ھاڻ ڪٽ ڪنھن به صورت ۾ ھڻڻ نه ڏينداسين ۽ رات ڏينھن منڇر جي بندن تي پھرو ڏينداسين بعد ۾ ڳوٺاڻن اڙل ھيڊ تي شاميانا ھڻي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، ڄاڻايل ڳوٺاڻن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو ته سنڌ جو وڏو وزير ذاتي ڪوشش وٺي سيوھڻ تعلقي جي 5 يوسين کي برباد ٿيڻ کان بچائي ته جئين   ھارين مزدورن غريب پورهيتن جا اجھا ۽ زرعي زمينون بچي سگھن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.