ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچين ۾ لاها چاڙها رهيا. ڪالهه مارڪيٽ ۾ 156 ڏهائي 09 پوائنٽن جي تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. 100 انڊيڪس 44 هزار 416 ڏهائي 20  پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو. سڄي ڪاروباري ڏينهن ۾ 0.35 سيڪڙو بهتري نوٽ ڪئي وئي. جڏهن ته 12 ڪروڙ 12 لک 76 هزار 957 شيئرز جا سودا ٿيا. سيڙپڪارن کي اربين رپن جو فائدو ٿيو.