منهڙو/مورو (نمائندن وٽان) منهڙو ويجھو يوسف ڏاھري موري وٽ حفاظتي ديوار نه ھجڻ سبب تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪئنال ۾  ڪري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا مورو واسي وسيم رحماني، طلحهٰ رحماني، شاهه رخ رحماني ۽ ڪليم الله ٻرڙو ٻڏي ويا، اطلاع تي وارث ۽ آسپاس جي شھرن توڙي ڳوٺن جا ماڻھو وڏي انگ ۾ پھتا، جڏهن ته ڪو به انتظامي عملدار نه پهتو،  وارثن مقامي ٽوٻن ۽ ڪرين مشين جي مدد سان ٻن نوجوانن وسيم رحماني ۽ طلحيٰ رحماني کي ٻاھر ڪڍي حياتي بچائي ورتي، جڏهن ته شاھ رخ رحماني ۽ ڪليم الله ٻرڙو ٻڏي فوت ٿي ويا، ان ڏس ۾ 8 ڪلاڪن جي ڪوشش بعد هڪ ڄڻي شاھ رخ رحماني جو لاش هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي نوجوان ڪليم الله ٻرڙو جو لاش آخري اطلاعن تائين ملي نه سگهيو هو، هٿ آيل لاش مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گھر آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو، هوڏانهن نوجوان ڪليم الله ٻرڙو جي لاش جي ڳولا لاءِ وارثن پاران ٽوٻا پڻ گهرايا ويا، جيڪي ڪوششن ۾ رڌل هئا.