منھڙو (ن پ ا) منھڙو ڀرسان سونھري فارم شھر جي دڪاندارن پاران مورو شھر جي ڪانڌڙا ڪالوني جي رھواسي محمد نواز سومر ۽ غلام علي سومرو پاران مختلف دڪاندارن کان وي سي بھاني ڪروڙين رپين جو فراڊ ڪري فرار ٿي ويو. اھڙي عمل خلاف سونھري فارم جي دڪاندارن رشيد ھاليپوٽو، رياض سولنگي، حافظ جھنڊو، لياقت ماڇي، استاد شاھد، آصف سولنگي، فياض سولنگي، صدام ڏاھري، بڊو ڪلھوڙو، ڪامريڊ فريد ڪلھوڙو، قربان سولنگي، خادم ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سونھري فارم شھر ۾ مورو ٻانڌي تي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاھرين ڊي آءِ جي شھيد بينظيرآباد ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته فوري طور فراڊ ڪري ڪروڙين رپين جو فراڊ ڪندڙ مورو شھر جي رھواسين محمد نواز سومرو ۽ غلام علي سومرو کي جلد کان جلد گرفتار ڪري اسان کان فراڊ ڪري ڪروڙ رپيا کڻي فرار ٿيل کان واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.