ڪراچي: شهر ۾ وڏي پيماني تي  منشيات  جي استعمال، وڪري ۽ خريداري کي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ جو سبب  قرار ڏنو ويو، پوليس طرفان مسلسل اهو موقف سامهون ايندو رهيو ته منشيات جا عادي ماڻهو (موالي) اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ سنڌ حڪومت کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جا حڪم ڏنا هئا پر پوليس اڃا تائين منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع نه ڪري سگھي