چمبڙ (ن پ ا) عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻ ثريا سرمد پاران منشيات وڪري خلاف گلاب لغاري ٿاڻي اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ثريا سرمد دانهيندي چيو ته تعلقي چمبڙ جي مين پڙي جي ڪارخاني مان منشيات گلاب لغاري ٿاڻي جي حدن ۾ اچي رهي آھي، منشيات ۾ چرس، هيروئن، شراب، مين پڙي، گٽڪو ۽ آئيس شامل آھن، جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، اڪثر نوجوان ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويا آهن، هنن چيو ته پوليس منشيات وڪرو بند نه ڪرائي سگهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرايو وڃي.