اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ  اسلام آباد جي مارگلا پهاڙين تي موجود منال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ واري هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، منال هوٽل جي انتظاميا پاران اپيل تي وڪيل مخدوم علي خان پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته اپيل داخل ڪئي پر ان تي رجسٽرار آفيس پاران اعتراض لڳايا ويا اهي ختم ڪري ٻڌڻي اڄ ٻيهر مقرر ڪئي وڃي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچي چڪو آهي، وڪيل جواب ڏيندي چيو ته تفصيلي فيصلو نه آيو آهي پر عدالت جي تصديق ٿيل فيصلي جي ڪاپي اپيل سان گڏ موجود آهي.