لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا منال خان کي مداح انسٽاگرام تي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي. اداڪارا منال خان جي شادي 10سيپٽمبر 2021 تي اداڪار محسن اڪرام سان ٿي هئي ۽ کيس پهرين نومبر تي 2023 تي پٽ حسن جي پيدائش به ٿي. هاڻي مينال خان ڪاري وڳي ۾ انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ مداح تبصرو ڪندي لکيو ته ”مان اوهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“ جواب ۾ اداڪارا چيو ته ڀاءُ مان پهريان کان ئي شادي شدا آهيان، انهي جي جواب ۾ مداح لکيو ته اهو ٻڌي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو.