ملڪ ۾ ڪورنا جي اومي ڪرون قسم جا 75 مريض  هجڻ جي سرڪاري تصديق

0
271
پاڪستان ۾ اومي ڪرون

ڪراچي (نمائندن وٽان)  ملڪ ۾ ڪورنا جي اومي ڪرون قسم جا 75 مريض  هجڻ جي سرڪاري تصديق، ان ڏس ۾ صحت جي قومي اداري ( اين آءِ ايچ ) دعويٰ  ڪئي آهي ته ملڪ ۾ اومي ڪرون  ڪيسن جو انگ وڌي 75 ٿي ويوآهي، ڪراچي ۾ 33، اسلام آباد ۾ 17 ۽ لاهور ۾ 13 ڪيس سامهون آيا آهن ، اين اءِ ايچ موجب 75  مان رڳو  12 ٻاهران ڪيس ٻاهران آيا آهن، جڏهن ته باقي ڪيس مقامي آهن، واضح  رهي ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس 13 ڊسمبر  رتي سامهون آيو هو،  ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 3  حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 291 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾شرح 0.69 سيڪڙو رهي

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا, جنهن بعد فوتين جو انگ 7666 ٿي ويو آهي جڏهن ته سان 191 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرين جو مجموعي انگ چار لک 79هزار 926 ٿي ويو آهي,  هن وقت 5320 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 5144 گهرن ۾، 36 آئسوليشن سينٽرن ۽ 140 مختلف اسپتالن ۾ آهن. 148 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽  19  مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. 191 نون ڪيسن مان ڪراچي اندر 147 ڪيس سامهون آيا آهن ٿرپارڪر ۾ 12، شهيد بينظير آباد 10، مٽياري 7، ميرپورخاص 5، لاڙڪاڻو 4، حيدرآباد ۽ نوشهروفيروز 2-2، بدين ۽ سکر 1-1 آهي.

ھي بھ پڙھندا

پاڪستان ۾ خطرناڪ ”اومي ڪرون“ جو پهريون شڪي ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي ۾ اومي ڪرون وائرس جي شڪي ڪيس جي جاچ جاري آهي: عذرا پيچوهو

اومي ڪرون جو پهريون ڪيس: ڪراچي جي ٻن علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳايو ويو

پاڪستان ۾ خطرناڪ اومي ڪرون جي پهرين ڪيس جي تصديق ٿي وئي