اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله صحافي مدثر نارو جي لاپتا ٿيڻ واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان جي اڌ زندگي غير جمهوري حڪومتن ۾ گذري وئي هي انهن جا ئي ڪم آهن. ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٿي. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر عدالت ۾ پيش ٿيا، درخواستگذار پاران وڪيل پيش ٿيو، ايڊيشنل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل به پيش ٿيا. چيف جسٽس اطهر من الله وفاقي وزير شيرين مزاري کي مخاطب ٿيندي چيو ته شيرين مزاري صاحبه ! اوهان کي ان لاءِ زحمت ڏني ته رياست نظر نه پئي اچي، ملڪ ۾ جبري گمشدگين جو رجحان آهي، ڪنهن کي لاپتا ڪرڻ انسانيت خلاف ڏوهه آهي، چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبر ماڻهن جي خدمت لاءِ آهن، لاپتا شخص جي بازيابي لاءِ رياست جو ردعمل اثرائتو ناهي، رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي پر اها ڪٿي نظر نٿي اچي، ڪو به متاثر ماڻهو ايندو ته سندس ڪو مائٽ لاپتا ٿي ويو آهي ته اها رياست جي ناڪامي آهي. وفاقي وزير شِيرين مزاري چيو ته اوهان اڳ به قيدين جي آزادي واري مامري تي گهرايو هو، جبري گمشدگين جو مامرو اسان جي منشور ۾ هو، اسان ان تي قانونسازي ڪئي آهي، سينيٽ ۾ جلد پيش ڪئي ويندي، عمران خان جو وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ به ان تي واضح موقف رهيو آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رياست پاران ڪنهن کي اغوا ڪرڻ انتهائي سنگين ڏوهه آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر جو مائٽ غائب ٿي وڃي ته رياست جو ڪهڙو ردعمل هوندو؟ ان تي پوري مشينري حرڪت ۾ اچي ويندي، رياست جو ردعمل عام شهري جي غائب ٿيڻ تي به اهو ئي هجڻ گهرجي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته لاپتا شخص جي گهرواري به فوت ٿي چڪي آهي، سموريون ايجنسيون وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هي سمرين يا رپورٽس جي ڳالهه ناهي، لاپتا شخص جي ٻارن ۽ والدين کي مطمئن ڪريو، رياست جي ذميواري آهي ته ٻارن جي سارسنڀال ڪري ۽ متاثر فيملي کي ٻڌي. شيرين مزاري چيو ته حڪومت جبري گمشدگي کي سنگين ڏوهه سمجهي ٿي، بيان حلفي اڃا ناهي مليو ان موجب خرچن جي ادائگي لاءِ ڪم ڪنداسين، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هدايت ڏني ته متاثر فيملي کي وزيراعظم وٽ وٺي وڃو ۽ ڪابينا ميمبرن سان ملاقات ڪرايو، جنهن تي شيرين مزاري چيو ته وزيراعظم انهن کي ضرور ٻڌندو، اسان چاهيون ٿا ته پهريان انهن لاءِ خرچ جي ادائگي تي ڪم ڪريون، لاپتا شخص جي ٻارڙي ۽ ڏاڏي کي وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي، ايندڙ هفتي تائين وقت ڏيو ته رقم جي ادائگي جو عمل مڪمل ڪريون، چيف جسٽس چيو ته ڪوشش ڪريون ته وزيراعظم سان ملاقات بعد مطمئن ٿي ڪري واپس وڃن، لاپتا ماڻهن جي ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن تي اچي ٿي، رياست بدران معاوضو وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبر ڇو نه ادا ڪن؟ ته جيئن هي معاملو ئي سدائين لاءِ ختم ٿي وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هڪ هفتو مهلت ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، هڪ ماڻهو 3 سالن کان لاپتا آهي ۽ اوهان وڌيڪ وقت جو چئي رهيا آهيو، ڪوئي 2002ع ۾ لاپتا ٿيو ته ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو کي ذميوار قرار ڏئي کيس ازالي جي ادائگي ڇو نه چيو وڃي؟ جبري گمشدگين ۾ صرف اسٽيٽ ئي نه پر نان اسٽيٽ ايڪٽرز به اچن ٿا، ڪنهن نه ڪنهن کي ته ان جو ذميوار قرار ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن ڪير لاپتا ٿئي ته سندس پورو خاندان ڏکيائيون برداشت ڪري ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اسان جي اڌ زندگي غيرجمهوري حڪومتن ۾ گذري وئي، هي انهن جو ئي ڪم آهي، عدالت حڪومت کي 13 ڊسمبر تائين صحافي مدثر نارو جي فيملي کي مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي وزير شيرين مزاري کان جواب طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد:لاپتا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ڪميشن ملڪ اندر 2232 ڄڻا لاپتا هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڪالهه لاپتا ٿيل ماڻهن بابت قائم ڪيل ڪميشن پاران نومبر 2021ع تائين ٿيل اڳڀرائي رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ڪميشن کي سڄي ملڪ مان مارچ 2011ع کان 30 نومبر 2021ع تائين لاپتا ٿيل ماڻهن جا مجموعي طور تي 8279 ڪيس وصول ٿيا، جن مان ڪميشن 6047 ڪيسن کي اڪلائي چڪي آهي، اڪلايل ڪيسن ۾ نومبر 2021ع جي مهيني دوران اڪلايل 123 ڪيس به شامل آهن، پيش رفت رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته لاپتا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڙيل ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت ۾ لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ به ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿيون، اهوبه ڄاڻايو ويو آهي ته لاپتا ماڻهن جي مليل ڪيسن کانسواءِ سينيٽر ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني بلوچستان مان لاپتا ماڻهن جي هڪ پراڻي لسٽ به جمع ڪرائي هئي، جنهن جي تفصيلي جاچ پڙتال ڪرڻ بعد اهو معلوم ٿيو ته اڪثر ڪيسن ۾ لاپتال ماڻهن بابت معلومات، دستاويز ناڪافي آهن، جيڪي دستاويز ۽ معلومات لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ تمام ضروري آهن، ڪميشن ان لسٽ تحت رپورٽون طلب ڪيون، ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ڪيچ، آوران ۽ پنجگور پاران پنهنجو جواب موڪليو ويو، انهن ڪيترن ئي لاپتا ماڻهن جي گهرن ۾ پهچي وڃڻ جي تصديق جا سرٽيفڪيٽ موڪليا، ان ريت 748 لاپتا ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن ائين واپس اچڻ جا اطلاع آهن، بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن لاءِ ڪميشن جي ڪوئيٽا ۾ ريجنل آفيس قائم ڪئي وئي آهي، جنهن 15 نومبر 2021ع کان سينيئر ميمبر ۽ ريجنل آفيس جي انچارج جسٽس فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويوآهي ته نومبر 2021ع جي 15 ڏينهن ۾ 60 لاپتا ماڻهن کي ڳوليو ويو، بلوچستان جي بي ايريا قرار ڏنل علائقن سان تعلق رکندڙ 808 لاپتا ماڻهن کي ڳوليو ويو جيڪي پنهنجي گهرن ۾ پهچي ويا.