سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) ملڪ جي دريائي وهڪرن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي وئي، سکر ۽ گڊو بيراجن وٽ کوٽ واري صورتحال ختم نه ٿي سگهي، ملڪي دريائي وهڪرن ۾ برساتن ۽ گرمي پد وڌڻ سبب بهتري جي صورتحال ٿيڻ بعد تربيلا ڊيم جي مٿاهين پاسي کان ننڍي ٻوڏ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪابل ندي ۾ نوشهري وٽ به لاڳيتو ننڍي ٻوڏ برقرار آهي ۽ پاڻي وهڪرا وڌي رهيا آهن، 20 مئي تي سکر بيراج جي دروازن ۾ آيل خرابي کانپوءِ سنڌ ڏانهن ايندڙ وهڪرا گهٽايا ويا هئا، انهن جو اثر ڪالهه تائين به جاري هو، سکر بيراج جي گهرج 61200 ڪيوسڪ هئي ۽ کڻت 45910 ڪيوسڪ ٿي رهي هئي، جڏهن ته گڊو بيراج جي گهرج 41100 آهي ۽ 38236 ڪيوسڪ ٿي رهي آهي، ٻي پاسي ڪوٽڙي بيراج جي گهرج 34200 ڪيوسڪ آهي پر کڻت 37095 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ هيٺاهين پاسي رڳو 1285 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ٿي ويو، سکر بيراج وٽان ڪوٽڙي ڏانهن 32640 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ٿي ويو، ڪالهه تربيلا ڊيم جي مٿاهين پاسي سنڌو درياءَ ۾ وهڪرا 278000 ڪيوسڪ تي پهچي ويا هئا ۽ گرمي پد به وڌي 33.9 تي پهچي ويو هو، تربيلا ڊيم کي ڀرڻ ۾ تيزي آندي وئي آهي ۽ کڻت رڳو هڪ لک 30000 ڪيوسڪ رکي وئي، ڪالهه ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌي 1491.96 فوٽ ٿي وئي هئي، ڪابل ندي ۾ واڌ بعد پاڻي سطح 90800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، چشما بيراج جو مٿاهون وهڪرو 204052 هيٺاهون وهڪرو  200000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، تونسا بيراج جو مٿاهون 195398 ۽ هيٺاهون وهڪرو 168042 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، گڊو بيراج جو مٿاهون وهڪرو 143506 ۽ هيٺاهون وهڪرو 105270 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.