حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جي او آر ٿاڻي جي حد ۾ نافرمان پٽ زال سان ملي ٻڍڙي ماءُ تي وحشياڻو تشدد ڪيو. متاثر مسمات شاهول خاتون پٽ ۽ ننهن خلاف جي او آر ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. متاثر عورت رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس پٽ جاويد ابڙو زال ارم سان گڏجي کيس تشدد جو نشانو بڻايو آهي. عورت موجب ته سندس مڙس بيمار رهي ٿو جنهن ڪري پٽ سموري ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ مختلف جواز ڄاڻائي تنگ ڪندو رهي ٿو ته جيئن ٻئي زال مڙس گهر ڇڏي ٻئي هنڌ رهڻ تي مجبور ٿيون. هن چيو ته پٽ ۽ ننهن جي تشدد کانپوءِ سندس ٻئي پٽ رشيد ابڙو جي او آر پوليس کي فون ڪري آگاهي ڏني جنهن ڪري پوليس پهچي پٽ کي گرفتار ڪري ٿاڻي کڻي وئي پر بعد ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ٻيهر زال سان ملي موتمار ڌمڪيون ٿو ڏي. هن ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن سندس نافرمان پٽ ۽ ننهن خلاف اثرائتي ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي.