ملڪاڻي شريف (ن پ ا) يوسي سانگي فرهو جي ڳوٺ ملڪ بهاول ۾ ملڪ برادري سميت مختلف برادرين جنهن ۾ کوکر، رند، انڙ جمالي، آرائين، چانڊيه، بلوچ، ڪولهي، ۽ ڀيل برادرين وڏي تعداد ۾ جي ڊي اي کي الوداع ڪندي  پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي مختلف برادرين سابق صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله جي موجودگي ۾ اين اي 222 جي پيپلزپارٽي اميدوار مير غلام علي ٽالپر ۽ پي ايس 69 پ پ اميدوار مير الله بخش ٽالپر جڏهن ته تر جي معزز شخصيتن مير الله بخش ٽالپر، شفيع محمد ميمڻ يوسي چيئرمين غلام محمدچانڊيو درگاهه راضي شاهه جي گادينشين سيد سجاد شاهه ۽ ٻين معزز شخصيتن  جي  سربراهي ۾ پاڪستان  پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ٻئي طرف پي ايس 70 ٽنڊوباگو تڪ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو نامزد صوبائي سيٽ جو اميدوار  ارباب امير امان الله ملڪاڻي شريف ۾ اليڪشن آفيس جو افتتاع ڪيو ،خيرپورگنمبوهه ۾ مرزا گرروپ جي  گل زيب خاصخيلي مرزا گروپ کي الوداع ڪري پ پ ۾  شموليت ڪئي شموليت  عبداالله آرائين ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪئي ملڪاڻي شريف ۾ غريب آباد ڪالوني ۾ ريٻاري برادري ۽ کٽي برادري جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امير ارباب امان الله چيو ته اڳوڻو ايم پي اي حسنين مرزا کٽي پنج سال گم ٿي وري به پنهنجي مطلب لاءِ ووٽ وٺڻ لاء آيو آھي پر هاڻي هن تڪ جو عوام سڀ سمجهي ويو آھي، ڪڏهن به ڪوڙن واعدن اعلانن آسرن تي اعتبار ڪري ووٽ نه ڏيندو هتان جو عوام ڪوڙن ليڊرن کي رجيڪٽ ڪري ڇڏيو آھي، مخالف پنهنجو خرچ ڪري وقت ضايع ڪن ڪجهه به حاصل نه ٿيندو سوڀ غريب عوام حق سچ جي آھي مخالفن  جي تڏا ويڙھ ڪنداسين.