ملڪاڻي  شريف (ن پ ا) آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوھ جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف سنڌ آبادگار تنظيم جي اڳواڻن ريلي ڪڍي  پنگريو_ جھڏو  روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  طارق محمود، لطف ملڪاڻي،  محمود دلواڻي، علي دلواڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدارن وارابندي ڄاڻائي  شاخن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي،  جنهن سبب اسان جا پوکيل فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي.