ملڪاڻي شريف (ن پ ا)ملڪاڻي شريف جا مغوي پورهيت  ڀائر منصوب علي چانڊيو ۽ علي حسن چانڊيو  ڏھن ڏينهن کان ڌاڙيلن وٽ قيد آهي غريب وارث ويھ لک رپيا ڀنگ ڀري نه سگهيا پوليس مغوين جي بازيابي ۾ ناڪام رهجي وئي آهي جنهن ڪري غريب وارثن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي  ٻئي طرف سچوا چيئرمين حاجي عبدالملڪ چانڊيو جي اڳواڻي ۾  چانڊيا برادري جو وفد ملڪاڻي شريف جي غريب 2 پورھيت ڀائرن جي اغوا واري سلسلي سان  نواب سردار خان چانڊئي سان ملاقات ڪئي سردار خان چانڊيو پورهيت ڀائرن جي بازيابي لاءِ ڪوشش جي خاطري ڪرائي. ملاقات ڪندڙن ۾ ايڊوڪيٽ منظور چانڊيو مرڪزي وائيس چيئرمين عبداللطيف، سچوا بدين ضلعي صدر حاجي مراد چانڊيو  ۽ ٻيا شامل هئا.