ملير (رپورٽر) شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حد فيوچر موڙ ويجهو 15 ورهين جي نينگري علشبه کي پنهنجي پيءُ تنوير ۽ چاچي خورشيد زنجيرن سان گهر اندر ٻڌي ڇڏيو، نينگري پاران اهڙو اطلاع ون فائيو تي ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس گهر تي چڙهائي ڪري زنجيرن سان ٻڌل نينگري علشبه کي بازياب ڪرائي سندس چاچي خورشيد کي گرفتار ڪري ورتو، ان حوالي سان ايس ايچ او شرافي ڳوٺ ٻڌايو ته بازياب ٿيل نينگري کي پنهنجي پيءُ ۽ چاچي گهر ۾ زنجير سان ٻڌي ڇڏيو هو، هن چيو ته ڄاڻايل نينگري چار دفعا اڳ گهران نڪري وئي، جنهن بعد تنگ ٿي سندس مائٽن اهڙو قدم کنيو، واقعي ۾ ملوث سندس چاچي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.