ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير ڊي ايم سي جي خاتون ملازم کي ملازمت تان هٽائڻ تان ڊي ايم سي ملير جي ڊائريڪٽر جا وارنٽ جاري، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست گذار سمرانه اسلام  ملازمت تان هٽائڻ ۽ مستقل نه ڪرڻ بابت داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران دخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مون کي نوڪري تي بحال ڪرڻ لاءِ رشوت گھري پئي وڃي، ، آئون رشوت ۾ والد جون بيساکيون ( گهوڙيون ) ڏيان يا وري ڦاٽل جوتا؟ ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته ادارن جو اهڙو رويو انتهائي نامناسب آهي، اسان ڊائريڪٽر جا هاڻي ئي وارنٽ جاري ڪريون ٿا. عدالت ڊائريڪٽر جا وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڪيو ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت مڪاني کاتن جي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي طلب ڪري ورتو. عدالت لاڳاپيل ايس ايچ او کي حڪم ڪيو ته گرفتاري واري وارنٽ تي عمل ڪيو وڃي، عدالت وارنٽ جا نقل ايس ايس پي کي به موڪلڻ جي هدايت ڪئي.