ملير (رپورٽر) ملير مان پرڏيهي شهرين کان ڦر جي ڪوشش، ان ڏس ۾ پرڏيهي شهري  بينڪ مان رقم ڪڍرائي واپس وڃي رهيا هئا ته ڏوهارين سندن گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس موجب گاڏي نه روڪڻ تي ڏوهارين گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ پرڏيهي شهري جي گاڏي جو ٽائر برسٽ ٿي ويو، جوابدار پرڏيهي شهري جي گارڊ کان هٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب پرڏيهي شهرين وٽ 2 ڪروڙ روپيا روڪ موجود هئا، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، پوليس موجب ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته واقعو ڦر مزاحمت جو نتيجو آهي