ملاڪاتيار (ن پ ا) گرلس هاء اسڪول ۾ شاگردياڻين مٿان چاپڙ ڪرڻ بابت ٽائيم نيوز، ۽ پنهنجي اخبار ۾  خبر ڇپجڻ بعد تعليم کاتي جي ٽيم اسڪول پهتي، گرلس هاء اسڪول جيڪو ووڪيشنل جي پراڻي عمارت ۾ عارضي طور هلندڙ آهي تعليم کاتي جي ٽيم ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بلڙي شاه ڪريم عبدالغفار شيخ، تعلقه ايجوڪيشن افيسر في ميل رخسانا عباسي، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميل عبدالجبار قمبراڻي ۽ ايجوڪيشن ووڪس ڊپارٽمينٽ سب انجنيئر عنايت الله سٺيو پهتا، جن کي واقعي ۽ عمارت بابت اسڪول انچارج شبانه چانڊيو کان معلومات ورتي ۽ هنن اسڪول کي عارضي طور ٻي بلڊنگ ۾ شفٽ ڪري مرمتي ڪم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ۽ هنن روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته گرلس هائه اسڪول جي بنيادي بلڊنگ  جو مرمتي ڪم جيڪو 14 سالن کان ناهي ٿيو اهو به مڪمل ڪرائڻ لاء تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کي لکيو ويندو.