ملاڪاتيار ڀرسان بيروزگاري کان تنگ اچي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

0
346
ملاڪاتيار ڀرسان بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
ملاڪاتيار ڀرسان بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان ڳوٺ آچار ملاح ۾ 18 ورهين جي قادر بخش ولد دوست محمد بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي

نوجوان وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪيو، اطلاع ملڻ تي ملاڪاتيار پوليس پهچي لاش کي بلڙي شاه ڪريم اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

آپگهات ڪندڙ نوجوان جي والد دوست محمد ملاح جو چوڻ آهي ته پٽ جي ڪجهه مهينا اڳ شادي ٿي هئي، بيروزگاري سبب پريشان رهندو هو، جنهن تان هن انتهائي قدم کنيو آهي

 

ھي به پڙھندا

باڊهه مان پراسرار نموني لاپتا ٿي ويل بينظير کي پوليس ڳولي ورتو