مفت بجلي: پنجاب حڪومت جو پروگرام رڳو سياسي چال يا حقيقي فائدو؟

0
293
مفت بجلي: پنجاب حڪومت جو پروگرام رڳو سياسي چال يا حقيقي فائدو؟

پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب جي حڪومت 90 لک صارفين کي مفت بجلي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي هر مهيني 100 يونٽ استعمال ڪن ٿا

پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز تازو ئي اعلان ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت ايندڙ هڪ سال تائين 100 يونٽ يا ان کان گهٽ مهينو استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي مفت بجلي فراهم ڪندي 

هن چيو ته هن رليف پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙ صارفين جو انگ 44 کان 90 لک خاندانن تائين آهي، حڪومت ان پروگرام لاءِ 100 ارب رپيا رکيا آهن

حمزه شهباز جو چوڻ هو ته “هي حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي آهي جنهن جو فائدو صوبي جي غريب ترين طبقي کي ٿيندو

پنجاب جي وڏي وزير جي اعلان کانپوءِ، مخالف ڌر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاران مفت بجلي ڏيڻ واري اعلان کي”سياسي چال“ طور استعمال ڪرڻ ۽ پنجاب ۾ هلندڙ مهيني ٿيندڙ ضمني چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي

سوشل ميڊيا تي ڪيترائي صارف اهو سوال به پڇي رهيا آهن ته ڇا واقعي اڄ به اهڙا خاندان هوندا جيڪي قهر جي گرمي ۾ رڳو 100 يونٽ بجلي استعمال ڪندا آهن؟

ڇا پنجاب حڪومت جو صارفين جي انگ جو اندازو درست آهي؟ ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته هر مهيني 100 يونٽ بجلي استعمال ڪرڻ وارن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ سان وڌندڙ مهانگائي کان ڪيئن بچائي سگهندا؟

هلندڙ مهيني پنجاب ۾ ننڍي چونڊ آهي، سوال آهي ته ڇا حمزه شهباز جو مفت بجلي ڏيڻ جو اعلان ووٽ وٺڻ لاءِ سياسي هربو ته ناهي؟

انهن سوالن تي ماهرن جا مختلف رايا آهن، پر اڪثر سمجهن ٿا ته پنجاب حڪومت لاءِ مشڪل معاشي حالتن جي باوجود اهڙي ٽارگيٽڊ سبسڊي فراهم ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي

ڇا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي رڳو 100 يونٽ استعمال ڪن ٿا؟

ڊاڪٽر ساجد امين جو خيال آهي ته اهڙا ماڻهو به آهن، حڪومت سبسڊي ذريعي غريب گهرن کي رليف ڏئي رهي آهي

بهرحال پاڪستان تحريڪ انصاف حمزه شهباز جي مفت بجلي ڏيڻ واري اعلان کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جو الزام آهي ته حمزه شهباز اهو سڀ ننڍي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته حمزه شهباز وڏو وزير ناهي رهيو، ان ڪري هو اهڙا اعلان نٿو ڪري سگهي