اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل مذهبي معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.اسلام آباد ۾ مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز مولانا فضل الرحمان پڙهائي. سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، يوسف رضا گيلاني، طارق فضل چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنازي نماز کان پوءِ سندس  مڙهه لڪي مروت ۾ اباڻي علائقي ڏانهن روانو ڪيو ويو جتي سندس تدفين ڪئي وئي. جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مفتي عبدالشڪور جون ڪيتريون ئي هڏيون فريڪچر جو شڪار ٿي چڪيون هيون. هوڏانهن پوليس حادثي بابت شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ويگو گاڏي پولٽري بزنس سان لاڳاپيل شخصيت جي اسڪواڊ ۾ شامل هئي جنهن جي رفتار 110 ڪلو ميٽر هئي، مفتي عبدالشڪور جي گاڏي جي رفتار 30 ڪلو ميٽر هئي، ٽڪر هڻندڙ گاڏي ۾ ڪو به ٽيڪنيڪل مسئلو نه هو، حادثي جي ڪري مفتي عبدالشڪور جي گاڏي جو ٽائر ۽ ايڪسل ڌار ٿي ويا، آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته مفتي عبدالشڪور پاڻ گاڏي  هلائيندي سيڪريٽريٽ طرف وڃي رهيو هو ته ٻئي طرف کان ايندڙ ڊبل ڪيبن ويگو گاڏي سندس ڪار سان ٽڪرائجي، ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ سوار سمورن پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حادثو تيز رفتاري ۽ لاپرواهي جو نتيجو آهي. نجي ڪمپني جي ڊبل  ڪيبن گاڏي به تحويل ۾ ورتي وئي آهي.  جڏهن ته  مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مولانا عبدالشڪور جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي واقعي جو ڪيس ڊرائيور خلاف داخل ڪيو ويو آهي. حاجي قدرت الله پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي معاملن جو وزير عبدالشڪور منهنجي گهر ڊي اسٽريٽ 25 سيڪٽر جي سڪس ٽو اسلام آباد ۾ منهنجي گهر افطاري تي آيو هو ۽ افطاري کان پوءِ اٺ لڳي 22 منٽن تي مولانا منهنجي گهر مان واپس پارليامينٽ لاجز نمبر 7 جي لاءِ روانو ٿيو. مولانا پنهنجي سرڪاري گاڏي نمبر G.A.K 550 ڪرولا گرينڊي پاڻ هلائي روانو ٿيو پر ٽويوٽا هاءِ ليڪس گاڏي نمبر ARY:077 مولانا جي گاڏي کي ٽڪر هنيو،. حادثي ۾ مولانا عبدالشڪور جي گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. ايس ايڇ او سيڪريٽريٽ نديم طاهر موجب پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.