ڪراچي (نمائندن وٽان) راڻيپور ۾ معصوم نينگري فاطمه سان زيادتي ۽ قتل واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلفشهرن ۾ سياسي، سماجي ڌرين توڙي سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪراچي پريس ڪلب آڏو معصوم فاطمه سان زيادتي ۽ قتل واري واقعي خلاف ساڃاهه وندن پاران فضا پتافي، پروفيسر اعجاز قريشي، سارنگ جويو،  رخسانه ھاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ھوڏانھن  ٽي تلوار تي پڻ سول سوسائٽي پاران  معصوم فاطمه جي تصوير آڏو گل رکي ۽ ڏيئا ٻاري احتجاج ڪيو ويو، ٻئي طرف  ملير  ۾ سنڌ سجاڳ اتحاد پاران مير رضوان ٽالپر، ضمير سنڌي، رضوان بالادي، نثار بالادي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ وومينز ايڪشن فورم جي سڏ تي راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ معصوم نياڻي فاطمه جي بيدردي سان قتل واري واقعي خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مختلف شھرن مان آيل سول سوسائٽي جي اڳواڻن، سماجي تنظيمن جي نمائندن، صحافين، اديبن، وڪيلن، شاگردن ۽ عورتن سميت سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو، شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو، ليکڪ جامي چانڊيو، سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر ثمر جتوئي، قانوندان مير احمد مڱريو، سينيئر صحافي اقبال ملاح، ماروي اعواڻ، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ عاليه بخشل ٿلهو، اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل، حسين مسرت شاھ، ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي شاعر بخش مھراڻوي فاطمه ڦرڙو تي لکيل نظم به پڙھي. بلڙي شاهه ڪريم ۾ عثمان پنھور، يعقوب سٺيو، يعقوب جمالي، علي حسن رند ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاهه ۾ سوشل ورڪرن پاران سليم کوهارو، سجاد علي گاڏھي، اعظم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سن ۾ ڊاڪٽر ھدايت الله شاھاڻي، جسقم اڳواڻ تراب علي شاھ، نعمت الله سنڌي احتجاج ڪيو، خانپور ۾ سوشل فورم پاران سيف اڪبر آرائين، عمر سيٺار، حافظ عبدالله ھڪڙو، مولانا عنايت الله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، راڻيپور ۾ سماجي تنظيم وائس آف راڻيپور ۽ جسقم  پاران جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد منگي، ڊاڪٽر نذير کوکر، فياض خميساڻي ، مجيب ڀيلار، ڪرم سامٽيو، محسن ڀيلار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. محرابپور ۾ نواز ڀٽي، خواجه غلام اڪبر، ولايت حسين نوناري، خليق الرحمٰن ڪمبوھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوغلام علي شهر جي سماجي اڳواڻن راڻي پور ۾ معصوم نياڻي فاطمه جي قتل واري واقعي خلاف شهري پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏجي احتجاجي مظاھرو ڪيو، شاهپور چاڪر ۾ اسلم ميمڻ، انجم آفتاب نظاماڻي، شوڪت نوناري، ذوالفقار خاصخيلي، اختر ماري، اياز ڏاهري، ملڪ عبدالرزاق، شيلا نوشاد بلوچ ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ڪڍڻ ۾ راڻيپور واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجن دوران مطالبو ڪيو ويو ته معصوم نينگري فاطمه جي قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.