سنڌ ۽ هند ۾ هر جاءِ تي پيدا ٿيندڙ وڻ سهانجڙو (Moringa Tree) زبردست فائدن جي ڪري هڪ معجزاتي وڻ ليکيو ويندو آهي.

سهانجڙي جا پن، گل، ڦريون، کَل بهترين Nutritional supplements طور کائي سگهجن ٿا ۽ بيمارين لاءِ علاج پڻ سمجهيو ويندو آهي.

سهانجڙي جي پنن ۾ پالڪ کان وڌيڪ آئرن، کير کان وڌيڪ ڪيلشيم ۽ وٽامن A، نارنگي کان وڌيڪ وٽامن C، آني يا گوشت کان وڌيڪ پروٽين، ڪيلي کان وڌيڪ پوٽيشيم هوندو آهي، نه صرف ايترو پر تقريبن هر وٽامن ۽ انساني جسم کي گهربل منرلز minerals  يعني calcium, iron, potassium, zinc وغيره سهانجڙي ۾ هوندا آهن.

سهانجڙي جا پن ڇانوَ ۾ سڪائي grind ڪري رکو ۽ سليماني چانهه ٺاهي پي سگهو ٿا، ڪچا پن به کائي سگهجن ٿا، پن ذائقي ۾ ٿورا ڪسارا هوندا آهن ان ڪري سلاد ۾ پن وجهي سگهجن ٿا يا هر گره سان پنج پن کائي سگهجن ٿا، گلن ۽ ڦرين جي ڀاڄي به پچائي سگهجي ٿي.

جيڪي به اڄ عام بيماريون آهن جئين شگر، جسماني ڪمزوري، ڪينسر، ۽ نظر جو ڪمزور هجڻ، انهن سڀني جو علاج سهانجڙي ۾ آهي.

مارڪيٽ ۾ سهانجڙي جي پنن جا ڪيپسول به ملندا آهن.

هن وڻ کي وڏي پئماني تي لڳرائي ڪري آبادگار ڀائر سٺا پئسا به ڪمائي سگهن ٿا.

مٿي چيل سڀ ڳالهيون حوال نه آهن پر سائنسي ريسرچ آهي. اوهان گوگل ۽ يوٽيوب تي پيل مواد ڏسي ۽ پڙهي سگهو ٿا… (فيس بوڪ تان ورتل)