اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز  شريف چيو آهي ته برصغير جي مسلمانن جو ارمان اسان جو پيارو پاڪستان 75 سالن جو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، قائد اعظم، علامه اقبال سوڌو سمورن اڳواڻن جن جي بي مثال سياسي، جمهوري، قانوني جدوجهد جي نتيجي ۾ اڄ دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي تي عزم عاليشان، شاد رهي پاڪستان جي عنوان سان خصوصي مونوگرام جاري ڪرڻ تعريف جوڳو عمل آهي، اڄ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي خود انحصار بڻائڻ جو عزم ڪيو آهي، ميثاق معيشت جي منزل قومي ڊائلاگ جي رستي تي هلندي حاصل ڪنداسين، هن چيو ته اسان جا ٻار ۽ نوجوان تعليم يافته ۽ باشعور آهن، تعليم سان ئي انفرادي ۽ اجتماعي تبديلي آڻي سگهي ٿي، نوجوان تعمير پاڪستان جي تحريڪ شروع ڪن ته جيئن پاڪستان کي جديد، ترقي يافته، معاشي طور تي خودانحصار ملڪ بڻايو وڃي.