ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) سڄي دنيا ۾ مشهور هڪ لگزري برانڊ جا انوکا جوتا متعارف ڪرايا آهن، فرانسيسي برانڊ Louis vuittion  تازو ئي ڪروز 2025 شوز ۾ عورتن لاءِ نئين ڊزائن جا جا جوتا متعارف ڪرايا، جوتن جي مٿانهين حصي ۾ پٽي سان گڏ ناسي جو هڪ ٽڪرو جڙيل آهي، هيٺان ڪاري جهالر لٽڪيل آهي جنهن کي ڏسي لڳي ٿو ته ڪو برش آهي، هڪ صارف چيو ته لوئس تون مون کي پسند آهين پر اهي جوتا صفا پسند نه آهي، اهي جوتا مون کي شترمرغ جي ياد ڏيارين ٿا، ٻئي صارف چيو ته ڇا اهو اپريل فول جو ڏينهن آهي، ٽئين صارف لکيو ته اها جوتا نه پر گاڏي صاف ڪرڻ وارو برش لڳي رهيو آهي.