ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ناليوارو اداڪار سڌارٿ ملهوترا پنهنجي نئين ويب سيريز جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو. ڀارتي موڊيا جي رپورٽن موجب سڌارٿ هنن ڏينهن ۾ فلم ساز روهت شيٽي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندي ويب سيريز “انڊين پوليس فورس” جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ ان دوران اهو زخمي ٿيو.