مسوڀرڳڙي (ن پ ) مسو ڀرڳڙي شھر ،نيشنل ھاءِ وي تي واقع طالب الموليٰ ڪالوني ۽ واڻڪي ۾ مسافر خانا نه ھئڻ سبب ٻچڙيوال مسافر پريشاني جو شڪار آھن. ان ڏس ۾ مسوڀرڳڙي جي سوزڪي بس اسٽاپ ، مسو ٽو مٽياري اسٽاپ ۽ الله والا چوڪ ٽو حيدرآباد  اسٽاپ تي مسافر خانا نه ھئڻ سبب ھتان جا ٻچڙيوال مسافر سخت پريشاني کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن. جڏھن ته واڻڪي وسي ۽ نيشنل ھاءِ وي واقع ڳوٺ طالب ۾ ھوٽلون ۽ دڪانداري وڌڻ ڪري مسافر خانن جي ضرورت وڌي وئي مٽياري ۽ حيدرآباد روٽ جي ٻنھي روڊ ته مسافر خانا نه ھئڻ ڪري رھواسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا  آهن. مٽياري توڙي حيدرآباد اسڪول  ويندڙ شاگردياڻين پڻ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لڳيون آهن، ھتان جي رھواسين زاهد ملاح, اعجاز علي ,جميل خان,محب لغاري ۽ ٻين ضلعي ايڊ منسٽريشن حيدربآد ۽ وس وارين اختيارين کان گھر ڪئي آھي ته مسو ڀرڳڙي ۽ طالب المولي ڪالوني ۽ واڻڪي وسي ۾ انتظار گاھون ٺھرائي ڏنيون ته جيئن  رھواسين جو ھي جائز مسئلو حل ٿي سگھي.