ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوارا مسلمان دوست سان شادي جو اعلان ڪرڻ تي هندو انتهاپسندن پاران ٽرولنگ جو شڪار اداڪارا سوناڪشي سنها جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي. مسلمان سياستدان فهد احمد جي زال سوارا جو چوڻ هو ته جديد هندستان ۾ هن وقت هڪ وڏو مسئلو اها غلط فهمي آهي جيڪا ان وقت پکڙجي ويندي آهي جڏهن هڪ هندو ڇوڪري مسلمان ڇوڪري سان شادي ڪري ٿي، ان کي لوو جهاد چئبو آهي، اهڙو ڪجهه منهنجي شاديءَ تي به ڪيو ويو. هن چيو ته اسان بالغن جي شادي بابت ڳالهائيندا رهندا آهيون، اهي عدالت وڃي شادي ڪن ٿا، يا آريا سماج موجب شادي ڪن ٿا،اهو معاملو مرد،عورت ۽ سندن ڪٽنب جي وچ ۾ آهي. سوناڪشي جي شادي بابت سوارا ڀاسڪر چيو ته اها سوناڪشي جي زندگي آهي، سوناڪشي ۽ سندس ساٿي هڪ ٻئي کي چونڊيو آهي، تنهنڪري هاڻي اهو جوڙي ۽ سندن ڪٽنب جو معاملو آهي.