مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ آب زم زم روبوٽ پيش ڪندا

0
345

رياض: عالمي وبا ڪورونا خلاف قدم کڻڻ جي ڏس ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ايندڙ زائرين لاءِ سمارٽ روبوٽ متعارف ڪرايا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ، مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي جنرل افيئر شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس تازو ئي هڪ اسمارٽ روبوٽ جو افتتاح ڪيو جيڪو مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ايندڙ پانڌيئڙن کي زمزم جون بوتلون ورهائيندو. سمارٽ روبوٽ جي افتتاح دوران عبدالرحمان السديديس ڪورونا وبا دوران انسانيت جي خدمت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.