ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شهر جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف شهرين ٽائون ڪاميٽي کان ريلي ڪڍي اسٽار چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي سرمد آزاد، وزير اڄڻ، جبار مڱريو، حبدار ملاح ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪاميٽي جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ رڳو ڪاغذن ۾ خرچ ڪئي پئي وڃي، شهر جي ڀلائي لاءِ ڪو به ذڪر جوڳو ڪم ناھي ڪيو ويو، شهر جي اڪيلي پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، احتجاج باوجود تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي، جنھن سبب مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته جائز مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.